53

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 4 ڄڻا فوت، 818 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وري زور وٺڻ لڳو، ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 4 مريض فوت ٿي ويا، جڏهن ته هاڪاري ڪيسن جي شرح 4 سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي، صحت جي قومي اداري اين آءِ ايڇ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا متاثر 4 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 126 ڄڻن جي حالت انتهائي نازڪ آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 18 هزار 305 ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 818 ماڻهن جون ٽيسٽون هاڪاري آيون، ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 4.47 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں