66

عمران خان جا پوسٽر لاٿا ويا آهن، حالتون خراب ٿيون ته ذميوار حڪومت هوندي: شيخ رشيد

راولپنڊي (م د) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته حالتون خراب ٿيڻ جي صورت ۾ ذميوار حڪومت هوندي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته رات 3 وڳي عمران خان جا پوسٽر ۽ بينر لاهڻ ۽ جڏهن اسان واپس آياسين ته انهن جڳهن تي عمران خان خلاف اخلاق کان ڪريل پوسٽر ۽ اسڪرينون لڳل هيون، هن ڌيڪ چيو ته انتظاميا ۽ پوليس انهن سان گڏ مليل آهي، اسان صبح 5 وڳي انهن پوسٽرن کي لاهڻ ۽ 3 ماڻهن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو، هن چيو ته راولپنڊي ۾ 50 سال کان سياست ڪري رهيو آهيان، ايئن ڪڏهن به ناهي ٿيو، پر هاڻي حالتون خراب ٿيڻ جي صورت ۾ ذميوار حڪومت ۽ انتظاميا هوندي، معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي، ڇو ته اهي ماڻهو راولپنڊي جون حالتون ڄاڻي واڻي خراب ڪري رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں