59

ميڊيا وارن تي حملا جمهوري معاشري ۾ ناقابل قبول آهن: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ميڊيا وارن تي حملا جمهوري معاشري ۾ ناقابل قبول آهن، پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم سينئر صحافي ۽ تجزيه نڪار اياز امير تي حملي جي مذمت ڪئي آهي، شهباز شريف چيو ته ميڊيا وارن تي حملا جمهوري معاشري ۾ بلڪل ناقابل قبول آهن، هن چيو ته منهنجي هدايت تي پنجاب جي وڏي وزير ان افسوسناڪ واقعي جي اعليٰ سطحي انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي ته جيئن ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں