62

عدالتي حڪم تي دعا زهرا ميڊيڪل بورڊ آڏو پيش

ڪراچي (رپورٽر) عدالت جي حڪم تي دعا زهرا کي 10 رڪني ميڊيڪل بورڊ آڏو پيش ڪيو ويو. دعا زهرا کي اڄ لاهور کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو.ڪراچي مان گم ٿي پنجاب ۾ شادي ڪرڻ واري دعا زهرا کي سندس عمر معلوم ڪرڻ لاءِ 10 رڪني ميڊيڪل بورڊ آڏو پيش ڪيو ويو. دعا زهرا جا مختلف ٽيسٽ ۽ ايڪسري ڪيا ويندا ۽ پيدائش جي سرٽيفڪيٽ سميت ٻيا دستاويز به چيڪ ڪيا ويندا.دعا زهرا جي عمر معلوم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي صحت کاتي 10 رڪني ميڊيڪل بورڊ جوڙيو آهي، جنهن ۾ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر شامل آهن، جنهن جي سربراهي ڊائو ميڊيڪل جي پرنسپل پروفيسر صبا سهيل ڪري رهي آهي.سنڌ پوليس دعا زهرا کي ٽيسٽ لاءِ اڄ لاهور کان ڪراچي منتقل ڪيو. ڪراچي جي عدالت 25 جون تي دعا زهرا جي مبينا اغوا ڪيس ۾ عمر جو تعين ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏنو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں