70

بلوچستان جي 8 ضلعن ۾ بلدياتي اليڪشن جي ري پولنگ جاري

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي 8 ضلعن ۾ ٻيهر پولنگ جو عمل پرامن طريقي سان شروع ٿي ويو آهي.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي هدايت تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جا سينيئر آفيسر سينٽرل ڪنٽرول روم اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ اسلام آباد مان پولنگ عمل جي نگراني ڪري رهيا آهن جڏهن ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر قائم ڪيل صوبائي ڪنٽرول روم مان پولنگ عمل جي نگراني ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر هدايتون جاري ڪندي چيو ته پولنگ دوران ڪنهن به ڀڃڪڙي تي فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته عوام بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري. عورتن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪڻ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں