58

عيد الاضحيٰ تي پاڪستان ريلوي طرفان سڄي ملڪ ۾ اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو

لاهور (م ڊ) پاڪستان ريلوي عيد الاضحيٰ تي سڄي ملڪ مان پنهنجن شهرن ڏانهن ويندڙ شهرين جي سهولت لاءِ اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ريلوي ذريعن موجب اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو عيد الاضحيٰ تي مسافرن جي رش کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ پهرين عيد اسپيشل ٽرين ڪوئيٽا کان 8 جولاءِ تي صبح 10 وڳي رواني ٿيندي ۽ ملتان، ساهيوال ۽ لاهور کان ٿيندي پشاور پهچندي.عيد الاضحيٰ کان اڳ ٻي عيد اسپيشل ٽرين ڪراچي کان 8 جولاءِ شام 6 لڳي 45 منٽن تي رواني ٿيندي ۽ ملتان، فيصل آباد، لاهور پهچندي. ٽين عيد اسپيشل ٽرين لاهور کان فيصل آباد ۽ ملتان کان ٿيندي 13 جولاءِ تي صبح 11.30 وڳي ڪراچي پهچندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں