53

چونڊن کانسواءِ سياسي استحڪام ممڪن ناهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته چونڊن کانسواءِ سياسي استحڪام ممڪن ناهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري لکيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 14 سالن جي بلند ترين سطح تي آهي، اهڙي صورتحال جنهن سفيد پوش وچولي طبقي جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري لکيو ته موجوده حڪمران مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪا آهن، اهڙي صورتحال ۾ سياسي استحڪام تمام ضروري آهي.هن وڌيڪ چيو ته چونڊن کانسواءِ سياسي استحڪام ممڪن ناهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں