61

هن وقت پاڪستان دجال قوتن جي گهيري ۾ آهي: سراج الحق

پشاور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جماعت اسلامي حقيقي جمهوري جماعت آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ بار ڪائونسل کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان جو باني وڊيرو نه پر وڪيل هو، وڪيلن هميشه قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت لاءِ ڊگهي جمهوري تحريڪ هلائي آهي.سراج الحق چيو ته پاڪستان ۾ وسيلن جي ڪا به کوٽ ناهي، پاڪستان هڪ عظيم ملڪ ۽ عظيم قوم آهي، جڏهن ته هن وقت پاڪستان دجال قوتن جي گهيري ۾ آهي.هن چيو ته جماعت اسلامي حقيقي جمهوري جماعت آهي ۽ ان وٽ مغرب جو متبادل نظام آهي.هن وڌيڪ چيو ته ورلڊ بينڪ، آءِ ايم ايف ۽ ڊبليو ٽي او جي ذريعي اسان جي معيشت ۽ مارڪيٽون ڪنٽرول هيٺ آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں