60

پيٽرول سڄو سال مهانگو ٿيندو رهندو، وفاقي وزيرن عوام جا آنڊا ساڙي ڇڏيا

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزيرن خرم دستگير ۽ مصدق ملڪ واضح ڪيو آهي ته هلندڙ سال جي آخر تائين پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو امڪان ناهي پر ان عرصي ۾ اگهه مسلسل وڌندا رهندا.پريس ڪانفرنس ڪندي ٻنهي وزيرن چيو ته عمران خان جيڪي معاشي بارودي سرنگهون وڇائي ويو آهي، ان سبب موجوده حڪومت جا هٿ ٻڌل آهن ۽ حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن بابت ڪجهه به نٿي ڪري سگهي.هنن چيو ته عمران خان طرفان ڪيل معاهدن سبب اهڙيون قانوني بندشون آهن جو موجوده حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سڌارا پورا ڪرڻ کان اڳ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ نٿي ڪري سگهي.سندن چوڻ هو ته هلندڙ سال جي آخر تائين اگهن ۾ واڌ جاري رهندي، جڏهن ته ايندڙ سال انهن ۾ گهٽتائي جو سلسلو شروع ٿيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں