56

مولانا فضل الرحمان جي طبيعت خراب، اسپتال منتقل، وزيراعظم پاران عيادت

لاهور (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي طبعيت خراب ٿي وئي، جنهن کانپوءِ کيس اسپتال نيو ويو. فضل الرحمان کي طبعيت خراب ٿيڻ تي اسپتال نيو ويو، جتي سندس چيڪ اپ ڪيو ويو.جي يو آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان ڪجهه ڏينهن اسپتال ۾ رهندو.هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف اسپتال پهچي مولانا فضل الرحمان سان عيادت ڪئي.وزيراعظم شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان کي گلدستو پيش ڪيو ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.هن اسپتال انتظاميا کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں