49

راولپنڊي کان ڪوئيٽا ويندڙ بس کاهي ۾ ڪري پئي، 19 مسافر فوت

راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي کان ڪوئيٽا ويندڙ بس تيز رفتاري سبب حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 19 ماڻهو فوت ٿي ويا، راولپنڊي کان ڪوئيٽا ويندڙ بس برسات سبب سلپ ٿيڻ ۽ اوور اسپيڊنگ جي ڪري کاهي ۾ وڃي ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ 19 مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ريسڪيو اهلڪارن جو چوڻ آهي ته لاشن ۽ زخمين کي سول اسپتال زوب ۽ ڊيرا اسماعيل خان منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين فوري طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر شيراني جو چوڻ آهي ته ڪوچ راولپنڊي کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي ته ڪي پي ڪي جي حدن ۾ وڃي کاهي ۾ ڪري پئي، حادثي ۾ 19 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں