53

بش جي فتح تي نفل پڙهڻ وارو نيازي آمريڪا خلاف بيان پيو ڏئي: حافظ حمدالله

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته نيازي جيڪو اڳوڻي آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش جي ڪاميابي تي نفل پڙهي رهيو آهي، آمريڪا مخالف بيان بازي ڪري رهيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي تقرير تي ردعمل ڏيندي حافظ حمدالله چيو ته عمران نيازي فرح گوگي جي حوالي سان اربين رپين جي ڪرپشن ۽ چوري جو جواب ڏئي.حافظ حمدالله چيو ته عمران خان مولانا فضل الرحمان تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ قوم کي ٻڌائي ته اوهان جا ٻار ڪٿي آهن ۽ انهن جي تربيت ڪنهن کان ٿي رهي آهي، نيازي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.پي ڊي ايم ترجمان وڌيڪ چيو ته عمران خان ٽرمپ جي درخواست تي ڪشمير نريندر مودي کي ڏنو ۽ ڪلڀوشن کي اين آر او ڏنو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں