50

اسحاق ڊار جي وطن واپسيءَ جو امڪان، ن ليگ اڳواڻ مفتاح اسماعيل جي حق ۾ ميدان تي اچي ويا

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي پاڪستان اچڻ جي خبرن ۾ ن ليگ جو سينيئر اڳواڻ مفتاح اسماعيل حمايت ۾ اچي ويو آهي.بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته مفتاح اسماعيل وزيراعظم جي ٽيم جي محنتي ميمبرن مان هڪ آهي، هو هر وقت اسٽيڪ هولڊرز لاءِ موجود آهي.هن چيو ته بدقسمتي سان ن ليگ اندران ئي مٿس تنقيد ٿي رهي آهي پر هاڻي مفتاح اسماعيل سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ضروري آهي.اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مفتاح اسماعيل جي پاڪستاني معيشت بابت ڄاڻ پاڪستاني سياست ۾ بي مثال هئي.هن چيو ته مفتاح اسماعيل پاڪستان کي ديوال کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں