51

شريف خاندان جڏهن به اقتدار ۾ آيو پنهنجي ڪاروبار کي ترقي ڏياري: عمران اسماعيل

ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران اسماعيل چيو آهي ته شريف خاندان جڏهن به اقتدار ۾ آيو پنهنجي ڪاروبار کي ترقي ڏياري، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي گورنر چيو ته ڪابينا طرفان سرڪاري عمارتن کي سولر انرجي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ترڪي سان ملڪي لاڳاپا بهتر بڻائڻ بجاءِ شهباز شريف دوري ۾ پنهنجي پٽ سلمان شهباز جي سولر انرجي جو معاهدو ڪرايو ۽ هاڻي سلمان جي ڪمپني کان سولر خريد ڪيا ويندا، هن چيو ته بجلي وڌايو، لوڊشيڊنگ ڪيو ۽ پنهنجا سولر کپايو، شريف خاندان ته ملڪ کي به کپائي ڇڏيو هوندو، بس ظاهر ٿيڻ باقي آهي، هن چيو ته شريف خاندان جڏهن به اقتدار ۾ آيو پنهنجي ڪاروبار کي ترقي ڏياري، ڇا ملڪ ۾ ڪو اهڙو ادارو موجود ناهي جيڪو ان کان پڇي سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں