56

نواز ليگ جو فرح گوگي جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جو اعلان

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي مبينا آڊيو ليڪ تي ن ليگ چيو آهي ثابت ٿي ويو ته بشريٰ بي بي جي حڪم تي اسان جي خلاف غداري جا ٽرينڊ هلائي سياست کي گندو ڪيو ويو.پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ ۽ ملڪ احمد خان چيو ته عمران خان ٽي سال چوندو رهيو ته سڀ هڪ پيج تي آهيون، عمران خان کي توشا خانا کان بهتر نالو نٿو ڏئي سگهجي، توهان پاڪستان جي سياست کي گندو ڪيو ۽ پاڪستان کي سفارتي سطح تي گندو ڪيو.هنن چيو ته ڪالهه کان هڪ ٽيپ وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ اڳوڻي خاتون اول جي ڳالهه ٻولهه آهي، گهريلو عورت جو نظريو توهان سڀني ڏسي ورتو هوندو ته هن حڪم ڏنو ته مخالفن خلاف غداري جا ٽرينڊ هلايا وڃن.سندن چوڻ هو ته بشريٰ، گوگي ۽ ڪپتان پاڪستان کائي ويا، عمران خان پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو چور اهي، عمران خان جي ڪرپشن تي ته نيٽ فليڪس ۾ سيريز ٺهندي، ڇو ته فرح گوگي، بشريٰ بي بي ۽ جميل گجر جي ٽرائيڪا جو سربراهه عمران خان آهي.ن ليگ اڳواڻن چيو اسان جو مطالبو آهي ته عمران خان فرح گوگي ۽ ان جي مڙس کي واپس آڻي، اسان فرح جا ريڊ وارنٽ جاري ڪري رهيا آهيون، توهان جو ڪو ڌاڙو 50 ڪروڙن کان گهٽ ناهي، توهان جي ڪرپشن سامهون ايندي آهي ته فوج کي گهٽ وڌ چوڻ شروع ڪندا آهيو ۽ ادارن تي حملا ڪندا آهيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں