53

وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو، جنهن ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويندو.اجلاس جي 5 نڪاتي ايجنڊا وفاقي ڪابينا ميمبرن کي موڪلي وئي آهي، جنهن موجب اجلاس ۾ لوڊ مئنيجمينٽ پلان تي ڪابينا کي بريفنگ ڏني ويندي.سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي آڊٽ لاءِ آڊيٽرز جي مقرري به ايجنڊا ۾ شامل آهي، جڏهن ته اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 13 جون جي فيصلن جي منظوري به ڏني ويندي.ڪابينا جي ليجسليٽو ڪميٽي جي 29 جون جي فيصلن جي منظوري ۽ نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں