54

ڪراچي وارن لاءِ بجلي وڌيڪ مهانگي، قيمت ۾ 9 رپيا 66 پئسا في يونٽ اضافو

اسلام آباد (م ڊ) نيپرا ڪي اليڪٽرڪ صارفين لاءِ بجلي 9 رپيا 66 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، بجلي جي قيمت ۾ اضافو مئي جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي، نيپرا انگن اکرن جو جائزو وٺڻ بعد تفصيلي فيصلو ڪندو، ڪي اليڪٽرڪ اختيارين موجب ڪي اليڪٽرڪ کي 380 ارب رپيا وصول ڪرڻا آهن، نيپرا چيئرمين جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ کي سستي بجلي وٺڻ لاءِ نيپرا جي ضرورت هجي ته اسان حاضر آهيون، اسان سستي بجلي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں