52

ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري، وڌيڪ 2 ڄڻا فوت، 675 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد (رپورٽر) پاڪستان ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس وڌيڪ 2 ڄڻن جون جانيون ڳڙڪائي ڇڏيون، جڏهن ته هاڪاري ڪيسن جي شرح 4.61 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، صحت واري قومي اداري اين آءِ ايچ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا متاثر 2 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 153 مريضن جي حالت انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 14 هزار 632 ڪورونا جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 675 ڄڻن کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي، ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 4.61 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں