57

مني لانڊرنگ ڪيس، چوڌري مونس الاهي جي عبوري ضمانت ۾ 14 جولاءِ تائين واڌ

لاهور (رپورٽر) ايف آءِ اي جي بينڪنگ ڪورٽ چوڌري مونس الاهي ۽ ٻين جي عبوري ضمانت ۾ 14 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي، لاهور ۾ ايف آءِ اي جي بيڪنگ ڪورٽ مونس الاهي سميت ٻين جي عبوري ضمانتن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو هن وقت تائين ڪهڙي جاچ ڪئي اٿو، جنهن تي جاچ آفيسر جواب ڏيندي چيو ته محمد خان ڀٽي ۽ واجد ڀٽي گذريل هفتي انويسٽيگيشن جوائن ڪئي آهي، ٻنهي جوابدارن ڊفينس ۾ ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري آهي، ڪمپني جي شيئر هولڊرز بابت به جاچ جاري آهي، جاچ آفيسر وڌيڪ ٻڌايو ته شيئر هولڊرز جي تعين بعد مونس الاهي کي ٻيهر طلب ڪيو ويندو، 6 اڪائونٽ ڪوڙا هئا، جنهن مان نواز ڀٽي بابت نواز ڀٽي ۽ ٻين انڪار ڪري ڇڏيو، 47 سيڪڙو رڪارڊ اچي چڪو آهي، هاڻي فرانزڪ به ٿيڻي آهي، عدالت ايندڙ تاريخ تائين جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي مونس الاهي ۽ ٻين جي عبوري ضمانت ۾ 14 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں