60

اين اي 240 جي ضمني چونڊ دوران بدامني، انڪوائري رپورٽ غير تسلي بخش قرار

اسلام آباد (رپورٽر) اليڪشن ڪميشن اين اي 240 تي ضمني چونڊ دوران بدامني بابت انڪوائري رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 رڪني اليڪشن ڪميشن ٻڌڻي ڪئي، ريجنل اليڪشن ڪمشنر اين اي 240 بابت انڪوائري رپورٽ جمع ڪرائي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پوليس جٿن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، پرزائيڊنگ آفيسر به ڪنفيوز هو، جنهن چوري شده بيلٽ پيپر واپس ڪيا، اهي نامعلوم هئا،چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اصل ڪم ته معلوم ڪرڻو هو ته ڪير بيلٽ پيپر واپس کڻي آيو، اليڪشن ڪميشن انڪوائري رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته انڪوائري ڪميٽي جي سربراهه کان رپورٽ تي وضاحت طلب ڪريو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں