53

ڪورونا تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، عيد تي عوام گهرن کان ٻاهر گهٽ نڪري: عبدالقادر پٽيل

اسلام آباد (رپورٽر) ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن جي ڪري صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل عوام کي عيد جي موڪلن تي گهٽ ۾ گهٽ گهرن کان ٻاهر نڪرڻ جي صلاح ڏني آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو ته ماڻهو ڪورونا کان احتياط ڪن ۽ بازارن ۾ وڃڻ وقت احتياط ڪن، عوام ۾ آگاهي پکيڙڻ جي ضرورت آهي.عبدالقادر پٽيل چيو ته ڪورونا تيزي سان وڌي رهيو آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا جا مريض اچي رهيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسپتالن ۾ مريضن جو انگ وڌيو آهي. هن چيو ته ڪورونا جا ايس او پيز ساڳيا رهندا جڏهن ته سرڪاري آفيسن لاءِ به ايس او پيز جاري ڪيا ويا آهن ۽ هنگامي صورتحال تي صوبن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.وزيراعظم جي هدايت تي صوبن سان صلاح مشورا ڪري رهيا آهيون، اين ڊي ايم اي سان به رابطو ڪيو آهي ڇو ته ٻه مذهبي اجتماع اچي رهيا آهن، عيد ۽ محرم به اچي رهيا آهن، بوسٽر ويڪسين مهم 10 لک تائين پهچندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں