62

لاپتا ماڻهن جو ڪيس، قدم نه کنيا ويا ته وزيراعظم کي طلب ڪنداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا آهن ته حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ٺوس قدم نه کنيا ته وزيراعظم کي طلب ڪيو ويندو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مدثر نارو ۽ ٻين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيس درخواست تي ٻڌڻي ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن ۾ ايڪشن نه وٺي ته وزيراعظم 9 سيپٽمبر تي پيش ٿئي، اٽارني جنرل يقين ڏياريو ته عدالت کي رياست جو رد عمل نظر ايندو،ٻڌڻي دوران گم ٿيل ماڻهن جا وڪيل انعام الرحمان، ايمان مزاري ۽ ٻيا پيش ٿيا، جڏهن ته ڊپٽي اٽارني جنرل ارشد محمود ڪياني به عدالت ۾ پيش ٿيو. ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته وفاق پاران رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، ڪابينا جو اجلاس هلي رهيو آهي، اٽارني جنرل اسپتال ۾ آهي، درخواست ڪئي ته ٻڌڻي عيد تائين ملتوي ڪئي وڃي.چيف جسٽس چيو ته هي عدالت ڇا ڪري؟ چيف ايگزيڪيوٽو کي طلب ڪيو؟ ٻن فورمن اعلان ڪيو ته هي جبري گمشدگي جو ڪيس آهي پوءِ ڇا ٿيو؟ جي آءِ ٽي، جنهن ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ٻيون ايجنسيون شامل آهن،هن  چيو ته هي جبري گمشدگي جو ڪيس آهي. انهن سڀني ادارن کي ڪير سنڀاليندو؟ ذميوار ڪير آهي؟ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ادارا وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ آهن. گهرو وزير وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آهي، ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڪيس ملتوي نه ٿيندو، يا ته ڪيس تي دليل ڏيو يا چيف ايگزيڪيوٽو کي طلب ڪريو. واضح رهي ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ نه موجوده ۽ نه ئي اڳوڻي حڪومت جو ڪردار رهيو آهي. بهترين انٽيليجنس ايجنسي ڪيس کي جبري گمشدگي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته هي عدالت رڳو آئين موجب ڪارروائي ڪندي، بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ. بنيادي ذميواري وفاقي حڪومت ۽ چيف ايگزيڪيوٽو تي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں