62

مفتاح اسماعيل ملڪ جي بهتري لاءِ تنقيد برداشت ڪري رهيو آهي: شازيه مري

اسلام آباد (رپورٽر) غربت جي خاتمي بابت وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل اهي ڪم ڪيا، جن سان معيشت پٽڙيءَ تي اچي سگهي، هو ملڪ جي بهتريءَ لاءِ تنقيد برداشت ڪري رهيو آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شازيه مري چيو ته حڪومت جي ذميواري هوندي آهي ته ماڻهن کي ڏکيائين مان ڪڍي، ماڻهن کي سمجهايو وڃي ته ڏکيا فيصلا ڇو پيا ڪيا وڃن، عمران خان ملڪ جي جيڪا حالت ڪئي، اهو تاريخ ۾ ڪڏهن نه ٿيو، هن حڪومت کي ڪيترائي مسئلا ورثي ۾ مليا.هن چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدي تي عمل نه ڪيو، رڳو ڳالهيون ڪيون ويون، جيڪي اڄ به جاري آهن، جڏهن عمران خان اقتدار ۾ هو گذريل حڪومتن کي چور چوندو هو ۽ هاڻ اقتدار کان ٻاهر آهي ته موجوده حڪومت کي چور پيو چئي.سندس چوڻ هو ته عمران خان کي رڳو ڪرسي جو سُور آهي، عمران خان پنهنجي 4 سالن جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ادارن کي چئي رهيو آهي مون کي اقتدار ۾ آڻيو نه ته توهان بُرا آهيو، هو ادارن کي تڪراري بڻائڻ چاهي ٿو.شازيه مري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں