71

پي ٽي آءِ طرفان بشريٰ بي بي جي فون ٽيپنگ جي فرانزڪ ٽيسٽ ڪرائڻ جو مطالبو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي فون ٽيپنگ جي فرانزڪ ٽيسٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري ۽ شيرين مزاري گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.پريس ڪانفرنس دوران شيرين مزاري چيوته بشريٰ بي بي جي فون ٽيپنگ فرانزڪ کانپوءِ پتو پوندو ته اها اصلي آهي يا نقلي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب فون ٽيپنگ غيرقانوني آهي، جڏهن ته سموري گفتگو کي ڪٽ پيسٽ ڪيو ويو آهي.شيرين مزاري وڌيڪ چيو ته ان ۾ بهرحال ڪا به سياسي ڳالهه ناهي، ماضي ۾ پڻ هڪ حڪومت ان ڪري هٽائي وئي هئي.هن سپريم ڪورٽ کان ٽيپنگ واري معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته حڪومتي مسئلن تي وزيراعظم جي گفتگو ليڪ ڪرڻ ملڪ جي آئين جي ڀڃڪڙي آهي، سپريم ڪورٽ بينظير ڀٽو جي حڪومتي دور  ۾ فون ٽيپنگ ختم ڪري ڇڏي هئي،  نيوٽرلز ۽ حڪومت کي عمران خان جي ڪرپشن بابت ڪجهه به نه پيو ملي.هن چيو ته مريم نواز  کي ڪهڙي حيثيت سان سرڪاري ڊاڪيومنٽس ڏيکاريا پيا وڃن، نيوٽرلز ۽ ڪرائم منسٽر کان پڇڻ چاهيان ٿي ته هي سڀ ڇو ٿي رهيو آهي.ان موقعي تي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ لاڳيتو فون ٽيپ ڪري ليڪ ڪيا پيا وڃن، فرح بي بي تي پڻ الزام مڙهيا پيا وڃن، توهان فرح بي بي خلاف ڪيس داخل ڪريو ته جيئن هوءَ جواب ڏئي، جڏهن ڪيس ئي داخل ناهي ٿيو ته پوءِ وارنٽ ڪيئن جاري ٿي سگهن ٿا، جتي فرح بي بي کي هڪ پلاٽ مليو اتي ئي اياز صادق کي ٻه پلاٽ مليا ته ڇا اياز صادق به فرح بي بي جو پارٽنر آهي.هن وڌيڪ چيو ته لوڊشيڊنگ وڌندي پئي وڃي ڇاڪاڻ جو هنن وٽ فيول گهرائڻ جا پئسا ناهن.چيو پيو وڃي ته عيد تي پڻ لوڊشيڊنگ ٿيندي، هنن ترت آءِ ايم ايف جا سمورا شرط مڃي ورتا پر وري به کين پئڪيج نه پيو ملي، هنن نيب قانون ۾ ترميمون ڪري سئو ارب جو اين آر او ٽو ورتو، پنج هزار ڪروڙ اومني گروپ ۾ آصف زرداري کي اين آر او ٽو ڏنو ويو .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں