53

عمران خان جو ساٿ ڇڏي پيپلز پارٽي ۾ نه ويندس: شاهه محمود قريشي

ملتان (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته راجا رياض چئي رهيو آهي ته مان پيپلزپارٽي ۾ وڃي رهيو آهيان پر مان چوان ٿو ته پيپلزپارٽي ۾ منهنجي جتي ويندي آهي.اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته منهنجو سمورو ڪٽنب عمران خان سان گڏ آهي، مون کي نواز شريف ۽ آصف علي زرداري دعوت ڏني هئي، مان سوچي سمجهي عمران خان جو ساٿ ڏنو.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي نوجوانن کي جواب ڏيڻ اچي ٿو، راجا رياض کي مخالف ڌر اڳواڻ چوندي شرم اچڻ گهرجي.شاهه محمود قريشي چيو ته عورت جنهن جو سياست سان واسطو ناهي، ان خلاف ڳالهين جي مذمت ڪريان ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں