72

وزيراعظم  پاران مهانگائيءَ جي ماريل عوام کي وڏو رليف پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف مهانگائي سان پريشان غريب عوام کي وڏو رليف پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب يوٽيلٽي اسٽورز رليف پيڪيج هڪ سال لاءِ 68 ارب رپين کان وڌيڪ جو هوندو، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وزارت سمري تيار ڪري ورتي آهي، جنهن موجب وزيراعظم پيڪيج تحت 5 بنيادي شين تي سبسڊي وڌيڪ هڪ سال جاري رهندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته مالي سال 23-2022 ۾ 5 بنيادي شين تي سبسڊي لاءِ 68 ارب 22 ڪروڙ 40 لک رپين جي تجويز ڏني وئي آهي.ذريعن موجب اٽي، کنڊ، گيهه، دالين ۽ چانورن تي سبسڊي ڏني ويندي، وزيراعظم پيڪيج جي سمري جي منظوري اقتصادي رابطا ڪميٽي ۽ ڪابين کان ورتي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں