72

ڊيرا اسماعيل خان ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ٽريفڪ پوليس اهلڪار شهيد

پشاور (م ڊ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري 2 ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو.پوليس موجب رتا ڪلاچي سبزي منڊي وٽ ڊيوٽي تي موجود ٽريفڪ پوليس اهلڪارن تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.اڻڄاتل هٿياربند ٻن اهلڪارن شوڪت ۽ حبيب تي فائرنگ ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيون.پوليس واقعي واري هنڌ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ شاهدن جي بيانن جي روشني ۾ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں