64

پاڪستان جو واپاري خسارو 48.3 ارب ڊالر جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جو واپاري خسارو گهٽجي نه سگهيو آهي ۽ 55 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، ڪجهه درآمدي شين تي عارضي پابندي باوجود گذريل مالي سال جي آخر ۾ واپاري خسارو 48.3 ارب ڊالر جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.درآمد ۾ واڌ حڪومت جي سمورن ڪاٿن کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو، 30 جون تي ختم ٿيندڙ مالي سال دوران عالمي واپار جو رجحان حوصلو افزا رهيو پر ان سان گڏ هلندڙ مالي سال جو هدف به غير لاڳاپيل رهيو، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت کي درآمد ۾ گهٽتائي ڪرڻ گهرجي.بيورو آف شماريات پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب برآمدات 31.7 ارب ڊالرن جي سالياني هدف کان وڌي وئي پر خسارو گهٽائڻ ۾ ناڪام وئي، اهو هدف 55.3 ارب ڊالرن مان وڌائي 80 ارب ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 48.3 ارب رپيا خسارو ٿيو. واپاري خسارو سرڪاري هدف کان 25 ارب ڊالر وڌيڪ آهي.شماريات واري اداري موجب گذريل مالي سال خسارو 17.3 ارب ڊالر هو، جيڪو گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 55.3 سيڪڙو وڌيڪ آهي، واپاري خساري جو هدف 31 ارب ڊالر رکيو ويو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں