62

بجليءَ جو بحران بي قابو، شارٽ فال 6 هزار 398 ميگاواٽ تائين پهچي ويو

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ بجلي جو بحران اڃا به ختم نه ٿي سگهيو آهي، شارٽ فال 6 هزار 398 ميگا واٽ تائين پهچي ويو آهي.پاور ڊويزن جي ذريعن موجب سخت گرمي سبب بجلي جي طلب رڪارڊ سطح تي پهچي وئي آهي، جنهن سبب بجلي جو شارٽ فال 6 هزار 398 ميگاواٽ تائين پهچي ويو آهي.ملڪ ۾ بجلي جي طلب 27 هزار 144 ميگاواٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته بجلي جي ڪل پيداوار 20 هزار 324 ميگاواٽ آهي، ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شهري علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جو مدو 12 ڪلاڪن کان وڌي ويو آهي ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جو مدو 16 ڪلاڪن کان به وڌي ويو آهي.2000 ميگا واٽ کان وڌيڪ بجلي ضايع ٿي رهي آهي خساري وارن علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو مدو 18 ڪلاڪن تائين پهچي ويو آهي.پاور ڊويزن ذريعن موجب ٽرپنگ ۽ اوور لوڊنگ سبب ڪجهه علائقن ۾ ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. ملڪ جا اڪثر فيڊرز ٽرپنگ ٽرانسميشن سسٽم ۾ خرابي جو شڪار آهن.پرائيويٽ سيڪٽر پاور پلانٽس 10,435 ميگاواٽ، سرڪاري ٿرمل پلانٽس 1,616 ميگاواٽ، پاڻي 5,470 ميگاواٽ، ونڊ ۽ ائٽمي پاور پلانٽس 2,364 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں