61

ڪراچي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي، پابندي مڙهيل تنظيم جو اهم دهشتگرد گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪراچي يونيورسٽي آپگهاتي حملي ڪيس ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي اهم دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب گرفتار دهشتگرد جو تعلق ڪراچي يونيورسٽي ۾ چيني استادن جي وين تي حملو ڪندڙ عورت شيري بلوچ جي مڙس هيبتن بلوچ سان ٻڌايو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگرد بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ ۽ گلبائي ۾ چيني انجنيئرن تي فائرنگ ۾ ملوث آهي.گرفتار دهشتگرد ڌماڪيدار مادو ۽ بم ٺاهڻ جي تربيت پڻ حاصل ڪئي آهي. ذريعن موجب گرفتار دهشتگرد جي حوالي سان اڄ اهم پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي ويندي جنهن ۾ وڌيڪ تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں