59

انحراف ننڍي ڳالهه ناهي، انساني ضمير جو معاملو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته انحراف ننڍي ڳالهه ناهي، انساني ضمير جو معاملو آهي.سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن خلاف پي ٽي آءِ جي پنجاب اسيمبلي جي باغي ميمبرن جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.باغي ميمبرن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پي ٽي آءِ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ لاءِ ڪا به هدايت جاري ناهي ڪئي. وڏي وزير لاءِ پي ٽي آءِ اميدوار پرويز الاهي چونڊن واري ڏينهن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو هو.سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته انحراف ننڍي ڳالهه ناهي، انساني ضمير جو معاملو آهي. سپريم ڪورٽ اڳ ئي حڪم ڏئي چڪي آهي ته آرٽيڪل 63 اي جي تشريح کان انحراف ڪينسر آهي. جڏهن توهان جي پارٽي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو ته توهان ڇو شرڪت ڪئي؟جسٽس محمد علي مظهر چيو ته پي ٽي آءِ جي ميمبر هئڻ وقت ن ليگ کي ووٽ ڏنو هو.عدالت ن ليگ کي پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏيڻ جي نقطي تي باغي ميمبرن کي تياري ڪري اچڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں