62

نيب ترميمن خلاف درخواست، سيڪريٽري قانون، ڪابينا ڊويزن ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس

اسلام آباد (م ڊ) عدالت نيب ترميمن خلاف درخواست تي قانون واري سيڪريٽري ۽ ڪابينا ڊويزن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف داخل درخواست ۾ عدالت ايندڙ ٻڌڻي لاءِ اٽارني جنرل کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.جسٽس عامر فاروق هاءِ ڪورٽ بار جي درخواست تي ٻڌڻي بعد حڪم جاري ڪيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار طرفان ايڊووڪيٽ حامد خان دليل ڏنا.عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں