68

بلوچستان ۾ تيز برساتن سبب 6 ڄڻا فوت، 7 ماڻهو گم

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ تيز برساتن سبب 6 ڄڻا فوت ۽ 7 لاپتا ٿي ويا.پي ڊي ايم اي موجب بلوچستان ۾ طوفاني برساتن سبب 6 ڄڻا فوت، 7 لاپتا ۽ ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن.پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته برسات سبب بيٺل فصلن کي سخت نقصان پهتو آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ ايمرجنسي سيل قائم ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته ڪراچي ۾ مون سون جي برسات شروع ٿيڻ کانپوءِ اڄ به گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.ان حوالي سان موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته خليج بنگال مان ايندڙ مون سون برساتن جو سسٽم اڄ به سنڌ ۾ موجود آهي، جنهن سبب ڪراچي ۾ اڄ به گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں