56

برطانوي هاءِ ڪمشنر جي عمران خان سان ملاقات، ٻه طرفن لاڳاپن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪئي آهي.ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين مني لانڊرنگ ذريعي غريب ملڪن مان سرمائي جي منتقلي کي روڪڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو.پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سرمائي جي غير قانوني منتقلي ترقي پذير ملڪن جو وڏو مسئلو آهي، هن چيو ته دولت جي غير قانوني منتقلي عالمي معاشي عدم مساوات کي جنم ڏئي ٿي.هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي فيڪٽ فائنڊنگ پينل پنهنجي رپورٽ ۾ معاملي جي نزاڪت کي اجاگر ڪيو آهي، هن چيو ته سرمائي جي غير قانوني منتقلي سبب غريب ملڪن جي ماڻهن ۾ لڏپلاڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي. عمران خان چيو ته غريب ملڪن مان امير ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ ترقي يافته ملڪن لاءِ وڏو چئلينج آهي، هن وڌيڪ چيو ته برطانوي حڪومت ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.ٻئي طرف برطانوي هاءِ ڪمشنر ميزباني ڪرڻ تي چيئرمين پي ٽي آءِ جو شڪريو ادا ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں