96

وڏي وزير سان روس جي نئين قونصل جنرل جي ملاقات، ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان روس جي نئين قونصل جنرل اينڊري فيدورف ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير سنڌ جي نئين قونصل جنرل کي ڀليڪار ڪيو.ملاقات ۾ ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ساڻس هر ممڪن تعاون ڪندي.هن وڌيڪ چيو ته روسي فرم ڪراچي ۾ ويسٽ ٽو انرجي منصوبي ۾ دلچسپي رکي ٿي.ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير روسي ڪمپنين پاران واٽر ٽريٽمينٽ منصوبن ۾ سيڙپڪاري بابت پڻ آگاهه ڪيو.ٻئي طرف روس جي قونصل جنرل روسي ڪمپنين جي سنڌ انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽ سان ملاقات ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں