57

پاڪستان ۾ ڪورونا بي قابو، وڌيڪ 600 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي (رپورٽر) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا هڪ ڀيرو ٻيهر زور وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 600 کان وڌيڪ ماڻهو عالمي وبا جو شڪار ٿي ويا آهن، صحت واري قومي اداري موجب 24 ڪلاڪن دوران پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 3.45 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي، اين آءِ ايڇ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 18 هزار 950 ڪورونا جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 653 ۾ وائرس هجڻ جي تصديق ٿي. اين آءِ ايڇ موجب ڪيترن ئي ڏينهن کانپوءِ ڪورونا ۾ مبتلا ڪو مريض فوت ناهي ٿيو، جڏهن ته هن وقت 162 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں