54

رمضان شگر ملز، آشيانه ريفرنسز، شهباز شريف ۽ حمزه جي حاضري معاف ڪرڻ واري درخواست منظور

لاهور (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز جي رمضان شگر ملز ۽ آشيانه هائوسنگ ريفرنس ۾ حاضري معافي جي درخواست منظور ڪئي وئي آهي، لاهور جي احتساب عدالت ۾ شهباز شريف ۽ حمزه جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست پيش ڪئي وئي، وڪيل امجد پرويز ٻنهي جي حاضري معافي جون درخواستون داخل ڪرايون، وڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته شهباز شريف ۽ حمزه مصروفيتن سبب اڄ پيش نه ٿي سگهيا، ٻنهي اڳواڻن جي غير حاضري سان ٽرائل متاثر نه ٿيندو، عدالت شهباز ۽ حمزه جي حاضري معاف ڪرڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي، شهباز شريف جي آسيانه هائوسنگ ريفرنس ۽ حمزه جي رمضان شگر ملز ۽ آشيانه هائوسنگ ريفرنس ۾ حاضري معافي جي درخواست منظور ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں