58

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برسات، هيٺانهين وارا علائقي ٻڏي ويا

اسلام آباد (م ڊ) مون سون جو طاقتور اسپيل جاري آهي، اسلام آباد، راولپنڊي ۾ تيز برساتن سبب ڪيترائي علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، سيڪٽر ايچ 13 پاڻي ۾ ٻڏي ويو، ڪيتريون ئي گاڏيون ڦاسي پيون، راولپنڊي ۾ روڊ تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳا آهن، پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي، نالن ۾ پاڻيءَ جي سطح پڻ وڌي وئي آهي، مري، وزيرآباد، گجرات، سيالڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ ڪڪر وسي پيا، ڪراچي ۾ به اڄ برسات جو امڪان آهي، هوڏانهن موسميات کاتي اڄ به ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ مينهن پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، برسات جو سلسلو وڌيڪ ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں