72

مٺي ڀرسان شڪارين ناياب نسل جا 9 هرڻ ماري ڇڏيا، ڳوٺاڻن پاران مزاحمت 3 ڄڻا سوگها

مٺي (رپورٽر) مٺي ڀرسان شڪارين ناياب نسل جا 9 هرڻ ماري ڇڏيا، 3 ڄڻن کي سوگھو ڪيوويو آھي، مٺي ويجهو ڳوٺ رنگيلو  ڀرسان شڪارين 9ناياب نسل جا هرڻ ماري ڇڏيا،ڳوٺاڻن سخت مزاحمت  ڪري 3شڪارين کي سوگهو ڪري ورتو، شڪارٿيل هرڻ  به هٿ ڪيا ويا آھن، ڳوٺاڻن  پڪڙيل شڪارين ۽ شڪار ڪيل هرڻ کڻي شهر جي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو ھنيو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي،پڪڙيل شڪارين جي علي  احمد مڱريو، سلام باري ۽  عبدالغني نهڙيو طور سڃاڻپ ٿي آھي، ڳوٺاڻن موجب وائلڊلائيف کاتي ۽ پوليس  جي ملي ڀڳت سان هرڻن جو  شڪار ٿي رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں