62

اڄ جي ڏينهن جنرل ضياءُ الحق ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو هو: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 45 سال اڳ اڄ جي ڏينهن تاريخ جي بدترين ڊڪٽيٽر هٿان پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو خاتمو ٿيو هو، ڪاري ڏينهن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته 5 جولاءِ 1977ع قومي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، جنرل ضياءَ پاڪستان جي سياسي ۽ معاشرتي زندگي ۾ لسانيت ۽ فرقيواراڻي سوچ جو زهر ڀريو، پ پ چيئرمين چيو ته جنرل ضياءُ الحق جي آميت پاڪستان ۾ انتهاپسندي، ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ هيروئن جي ماءُ آهي، پاڪستان اڄ تائين جن سياسي، معاشي ۽ معاشرتي براين کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهي ضياءُ الحق جي ڪاري دور سان ملن ٿا، هن چيو ته ڊڪٽيٽر ضياءَ جمهوريت پسند ۽ وفاق پرست سياسي پارٽين لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي هئي، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي سياسي منظر تان هٽائڻ لاءِ عدالتي قتل جو اسٽيج تيار ڪيو ويو، ڊڪٽيٽر ضياءُالحق پ پ جي قيادت۽ ڪارڪنن کي جيلن ۾ بند ڪري ڇڏيو، ڪوڙا هنيا ۽ جلاوطن ٿيڻ تي مجبور ڪيو، هن چيو ته پ پ ملڪ ۾ آئين، جمهوريت ۽ پارلياماني بالادستي جي محافظ جو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، پ پ قائد اعظم محمد علي جناح جي نظريي ۽ ويزن جي علمبردار پارٽي آهي.  

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں