61

معاشي حالتون بهتر ٿيندي ئي عوام کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي حالتون بهتر ٿيندي ئي عوام کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪنداسين، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پهرين ڏينهن کان غريب طبقي کي مشڪل معاشي حالتن جي اثر کان بچائڻ منهنجي پهرين ترجيح رهي آهي، معاشي حالتون بهتر ٿيندي ئي عوام کي وڌيڪ سهولتون مهيا ڪنداسين، پنجاب ۾ ماهوار 100 يونٽ استعمال ڪندڙن کي مفت بجلي فراهم ڪرڻ واري فيصلي تي وزيراعظم چيو ته پنجاب جي وڏي وزير ماهوار 100 يونٽس تائين استعمال ڪندڙ خاندانن لاءِ بجلي جي مفت فراهمي جو اعلان سٺو سنئوڻ آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں