61

ملڪ اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر مشڪلاتن مان نڪري صحيح دڳ تي هلي پيو آهي: آصف زرداري

اسلام آباد (رپورٽر) پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ ۽ عوام هڪ ڀيرو ٻيهر مشڪلاتن مان نڪري صحيح رخ تي گامزن آهن. 5 جولاءِ تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پيغام ڏيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو سميت سمورن سياسي ڪارڪنن، شاگردن ۽ صحافين کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو، آصف علي زرداري چيو ته جن 1973ع جي آئين ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ شهادتون قبول ڪيون، ڪوڙا کاڌا، جبر ۽ تشدد برداشت ڪيو، انهن کي خراج پيش ڪريون ٿا، پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت هميشه ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍيو آهي.هن چيو ته جڏهن به آئين ۽ جمهوريت تي حملا ٿيا آهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن آئين ۽ جمهوريت جو ڀرپور دفاع ڪيو آهي.اڳوڻي صدر چيو ته ملڪ ۽ عوام هڪ ڀيرو ٻيهر مشڪلاتن مان گذرڻ کانپوءِ صحيح رخ ڏانهن وڌي رهيا آهن.هن چيو ته جمهوريت جي فتح لاءِ جيل به ڪاٽيا آهن ۽ پنهنجيون جانيون به قربان ڪيون آهن، جيڪو پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن جي عظيم جدوجهد جو نتيجو آهي.هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان ان عهد جي تجديد ڪري رهيا آهيون ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي نظرين جي مطابق جمهوريت کي مضبوط ڪري ملڪ کي فلاحي رياست بڻائينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں