65

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ لاهور مان گرفتار

لاهور (رپورٽر)سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي لاهور ۾ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن حراست ۾ ورتو. ترجمان حليم عادل شيخ موجب سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر کي لاهور مان سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار کڻي ويا. ترجمان موجب حليم عادل شيخ گذريل ڏينهن لاهور پهتو هو، اهو ناهي ٻڌايو ويو ته حراست ۾ ورتل اهي ڪهڙي اداري جا هئا. حليم عادل شيخ کي ساڻن گڏ کڻي وڃڻ جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون آئي آهي. فوٽيج ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هوٽل جي ٻاهران هڪ ڊبل ڪيبن ڪار پارڪ ڪئي وئي آهي ۽ پوءِ سادا پوشاڪ وارا ماڻهو هوٽل ۾ داخل ٿين ٿا، پر بعد ۾ هوٽل جي لابي ۾ حليم عادل شيخ کي ساڻن گڏ هلندي ڏٺو وڃي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں