64

آءِ ايم ايف معاهدي تحت 800 ڪروڙ ٽيڪس لڳائڻي پوندي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آءِ ايم ايف معاهدي تحت 800 ڪروڙ ٽيڪس لڳائڻي پوندي،پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران نيازي جي چونڊيل حڪومت مهانگائي جي ذميوار آهي، جنهن جا نتيجا اتحادي حڪومت سميت پوري قوم ڀوڳي رهي آهي، تبديلي جي دعويٰ ڪندڙن کي اڄ مهانگائيءَ جي ڪوڙي واويلا ڪرڻ وقت شرم اچڻ گهرجي، پ پ ڏکڻ پنجاب جي وفد سان ملاقات ۾ هن چيو ته عمران خان جولاءِ 2019ع ۾ آءِ ايم ايف سان 6 ارب ڊالرن جو معاهدو ڪيو هو، جنهن تحت آءِ ايم ايف جون سموريون عوام مخالف شرطون عمران خان جي اجازت سان پورا ڪيون ويون. سندس ڪابينا، اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري وارو بل پارليامينٽ مان پاس ڪرايو ۽ پوءِ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 6 بلين جي توسيع ٿيل فنڊ جي سهولت جو معاهدو جولاءِ ۾ ٿيو، جنهن تحت پاڪستان کي عالمي مالياتي فنڊ کان 6 ارب ڊالر قسطن ۾ وصول ڪرڻا هئا. هن چيو ته ان پيڪيج کانپوءِ پاڪستان ايران گئس منصوبو هميشه لاءِ بند ڪرڻو پوندو، آءِ ايم ايف کان مليل رقم سي پيڪ تي خرچ نه ٿيندي، هاڻي ٻڌايو وڃي ته گئس پائيپ لائين منصوبي ۽ سي پيڪ منصوبي کي ڪنهن بند ڪيو؟

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں