66

ڪورونا وڌيڪ هڪ ڄڻي کان زندگي کسي ورتي، 805 ماڻهو وبا جو شڪار

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ هڪ شخص کان زندگي کسي ورتي، جڏهن ته 805 ماڻهن ۾ وائرس هجڻ جي تصديق ٿي آهي، صحت جي قومي اداري اين آءِ ايڇ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جون 17 هزار 150 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 805 ماڻهن کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي، اين آءِ ايڇ موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 4.69 سيڪڙو رهي، جڏهن ته اڃا به 168 ماڻهن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں