54

لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه وارو ڪيس، عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد (رپورٽر) اسلام آباد جي سيشن عدالت لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حاضري معافي واري درخواست منظور ڪندي عبوري ضمانت ۾ 18 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي، عمران خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جج ڪامران بشارت عمران خان جي جان کي خطري سبب حاضري کان ڇوٽ لاءِ ڏنل درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت شاهه فرمان ۽ شهرام ترڪئي جي عبوري ضمانت به 5-5 هزار رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪري ورتي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں