64

بلوچستان ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي، مختلف واقعن ۾ 25 ماڻهو فوت

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستن ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي، ڪوئيٽا سميت مختلف علائقن ۾ ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ 5 عورتن سميت 25 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ زخمي پڻ ي پيا آهن، ڪوئيٽا کان علاوه پشين، چمن، خانوزئي، قلعه عبدالله، دڪي، اوسته محمد، جهل مگسي، گنداواهه، ڪرخ، موله، ڊيرا مراد جمالي، ڊيره الله يار، صحبت پور، مستونگ، قلات، پنجپائي، نوشڪي، واشڪ، بسيمه، خضدار، بارکان،لسٻيلا، سبي، آواران، نصيرآباد، پنجگور، زوب، دالبدين سميت ٻين علائقن ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڪوئيٽا ۾ هيٺانهين وارا علائقي پاڻيءَ جي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته طوفاني برسات سبب گوهر آباد ويجهو ڪچي آبادي ۾ ڪيترن ئي گهر ڪرڻ سبب 2 عورتون فوت ٿي ويون، ڊي جي پي ڊي ايم اي نصير احمد ناصر موجب لنڪ باديني ڪرس جي ڀرسان ڪجهه گهر ڪرڻ سبب متاثرن کي پي ڊي ايم اي طرفان امدادي سامان پهچايو ويو آهي.  

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں