64

مصطفيٰ ڪمال پاران ملڪ ۾ فوري طور چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو

ڪراچي (رپورٽر) پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال ملڪ ۾ فوري چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته جيڪڏهن 12 ڪلاڪن ۾ ڪارڪنن کي آزاد نه ڪيو ويو ته روڊن تي اينداسين، هن چيو ته ڪراچي جي تڪ اين اي 240 جي اليڪشن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، سڀ ڄاڻن ٿا، ضمني چونڊ ۾ فائرنگ اسان جي ڪارڪنن تي ٿي ۽ اسان کي ئي گرفتار ڪيو ويو، پي ايس پي سربراهه چيو ته آفيس اندر مان ۽ انيس قائم خاني هئاسين، اتي فائرنگ ڪئي وئي، ان واقعي ۾ اسان جو هڪ ساٿي به مارجي ويو، انهن دهشتگردن کي پڪڙڻ بجاءِ پنهنجي مريضيءَ سان ڪيس داخل ڪيو ويو، هن چيو ته پوليس اليڪشن ڪميشن ۾ بيان ڏنو ته مان ڀڃ ڊاهه ڪئي، ايس ايس پي ڪورنگي اليڪشن ڪميشن اڳيان ڪوڙ ڳالهايو، اسان کي ماريو ويو، اسان جي ئي 16 ساٿين تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں