67

حليم عادل شيخ جي آزادي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، والد جي زندگيءَ کي خطرو آهي: عائشه حليم

لاهور (م ڊ) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي آزادي لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آھي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي تھ حليم عادل شيخ کي سادا ڪپڙا پهريل ماڻهو اغوا ڪري ويا آهن، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر کي اهڙي طريقي سان گرفتار ڪرڻ وارو عمل مذمت جوڳو  آھي، حليم عادل جي ڌيءُ عائشه  چيو آھي تھ پنجن ڪلاڪن کان بابا جي باري ۾ اسان کي ڪجهه به نٿو ٻڌايو وڃي، والد جي زندگي کي خطرو آهي، اڳ به آگاهه ڪري چُڪي آهيان، وڊيو بيان ۾ عائشه حليم چوي ٿي تھ  ڪجهه به نٿو ٻڌايو وڃي ته بابا کي ڪهڙي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، ھن چيو تھ بابابابت جلد کان جلد اسان کي ٻڌايو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں