46

عمران رياض کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي دائري کان ٻاهر گرفتار ڪيو ويو: چيف جسٽس درخواست اڪلائي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحافي ۽ اينڪر عمران رياض جي گرفتاري کي پنهنجي دائري جي حدن کان ٻاهر قرار ڏيندي درخواست اڪلائي ڇڏي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله اينڪر جي گرفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس اطهر من الله چيو ته رات جو رپورٽ آئي ته عمران رياض کي پنجاب مان گرفتار ڪيو ويو آهي، وڪيل چيو ته عمران رياض مون کي فون ڪري ٻڌايو ته هو اسلام آباد ٽول پلازه تي آهي، ان جي گرفتاري اسلام آباد جي حد ۾ ٿي آهي، وڪيل وڌيڪ ٻڌايو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس 17 ڪيس داخل هجڻ جي رپورٽ ڏني، پر عدالت کي رات جي ايف آءِ آر بابت نه ٻڌايو ويو، اها لڪائي وئي، مان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ الڳ سان توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي آهي، چيف جسٽس چيو ته هر عدالت جو پنهنجو دائرو آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ ان معاملي کي ڏسي سگهي ٿي، عمران رياض جي گرفتاري اٽڪ مان ٿي، جيڪا هن عدالت جي دائري اختيار ۾ نه ٿي ٺهي، هيءَ ڪورٽ پنجاب جي جاچ نه ٿي ڪري سگهي، وڪيل چيو ته هن عدالت گرفتار ڪرڻ جي حوالي سان واضح حڪم ڏنا هئا، ان جي خلاف ورزي ٿي آهي، چيف جسٽس چيو ته هن عدالت اسلام آباد مان گرفتاري جي ڳالهه ڪئي هئي، هاڻي هيءَ گرفتاري اسان جي دائري اختيار کان ٻاهر ٿي آهي، هن چيو ته اسلام آباد پوليس عمران رياض جي گرفتاري ناهي ڪئي، پنجاب پوليس ڪئي آهي، اسان ان ڪيس ۾ ڪا آبزرويشن نه ٿا ڏيون، توهان لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪريو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں